مُک صفحو

کليل ڄاڻ چيڪلي، وڪيپيڊيا مان
Jump to navigation ڳولا ڏانھن هلو

چونڊ مضمون

اندر نصير الملڪ مسجد، شيراز شهر، ايران.
وڪيل راءِ ميٽرو اسٽيشن

شيراز (انگريزي: Shiraz) ايران جو پنجون وڏو شھر آھي. ھي شھر ايران جي صوبي فارس جي گاديءَ جو ھنڌ پڻ آھي. 2016ع جي انگن اکرن مطابق ھن شھر جي آبادي 1565572 آھي. جيڪڏھن شھر جا مضافاتي علائقا ڳاڻاٽي ۾ آڻجن تہ پوءِ شھر جي آبادي 18 لکن کان بہ مٿي ٿي ويندي. ھي ايران جي ڏاکڻئين حصي جو وڏي ۾ وڏو شھر آھي. ھي فارس جي جابلو علائقي ۾ آباد آھي ۽ ھن شھر جي سرزمين جي سامونڊي سطح کان اوچائي 1486 ميٽر آھي. ھتان جي موسم خوشگوار آھي ۽ ھي ھزار سالن کان وڌيڪ عرصي کان واپار جو ھڪ وڏو مرڪز رھيو آھي. شيراز ميونسپالٽيءَ جي ڪل پکيڙ 240 چورس ڪلوميٽر آھي جيڪا 11 سيڪٽرن ۾ ورھايل آھي. آٽڪل 2000 ق.م ۾ ايلامائيٽ (Elamite) ٻوليءَ ۾ لکيل مٽيءَ جي تختين تي ھن شھر جو نالو تيرازيس (Tirazis) لکيو ويو آھي. شروع ۾ ھي شھر ابو نضر قلعي واري علائقي ۾ آباد ھو ۽ 693ع ۾ بنو اميہ گھراڻي جي دور حڪومت ۾ موجودھ ھنڌ تي ٻيھر آباد ڪيو ويو. ھن شھر 9 کان 11 صديءَ جي وچ ۾ تيزيءَ سان ترقي ڪئي. تيرھين صديءَ ۾ ھي شھر علم، ادب ۽ ثقافت جو وڏو مرڪز بنجي ويو. 1750ع کان 1800ع تائين زند گھراڻي جي بادشاھيءَ دوران ھي پرشيا جي گاديءَ جو ھنڌ رھيو. ايران جا ٻہ وڏا شاعر سعدي ۽ حافظ ھن شھر جا رھواسي ھئا. سندن مزارون موجودھ شھر جي اترئين حصي ۾ موجود آھن. ھن شھر ۾ ڪيترائي خوبصورت باغ آھن جن مان باغ ارم پنھنجو مٽ پاڻ آھي. ھن شھر ۽ پسگردائيءَ ۾ عاليشان قسم جا گلم, غاليچا ۽ قالين ٺھن ٿا. ھتي سيمنٽ، کنڊ، ڀاڻ، ڪپڙي ٺاھڻ ۽ تيل صاف ڪرڻ ۽ ٻين ڪيترين ئي شين ٺاھڻ جا ڪارخانا آھن. ھتي اليڪٽرانڪس جي شين جو ڪاروبار بہ عروج تي آھي. شيراز ۾ ايران جو پھريون شمسي توانائيءَ تي ھلندڙ بجلي گھر بہ موجود آھي. تازو شھر جي ٻاھران باباڪوھي جبلن تي پن چڪيون (Wind Turbines) لڳايون ويون آھن.

بهترين مضمون

شڪاگو جو نظارو ٻيڙيءَ سان
شڪاگو جي سرھي سانجھ ويلي ورتل ھڪ تصوير

شڪاگو (انگريزي: Chicago) آمريڪا جو ھڪ مشھور شھر آھي. ھي شھر نيويارڪ ۽ لاس اينجلس کان پوءِ آمريڪا جو آباديءَ جي لحاظ کان ٽيون نبمر وڏو شھر آھي. ھي رياست الينوائي (Illinois) جو آباديءَ جي لحاظ کان وڏي ۾ وڏو شھر پڻ آھي. 2020ع جي آدمشماريءَ مطابق ھن شھر جي آبادي 2746388 آھي. ھن کي اتر آمريڪا جي پنجون نمبر گھڻ آباديءَ وارو شھر ھئڻ جو اعزاز پڻ حاصل آھي. مشيگن ڍنڍ (Lake Michigan) جي ڪناري تي آباد ھن وسنديءَ کي 1837ع ۾ شھر جو درجو مليو. اوڻويھين صديءَ ۾ ھن شھر تيزيءَ سان ترقي ڪئي. 1871ع ۾ ھن شھر کي خطرناڪ باھ وڪوڙي وڌو جنھن سبب اٽڪل ھڪ لک ماڻھو پنھنجي گھرن کان محروم ٿي ويا ۽ شھر کي ٻيھر تعمير ڪرڻو پيو. انھيءَ باھ واري واقعي کان فقط ٽيھ سال پوءِ ھي دنيا جو پنجون نمبر وڏو شھر بڻجي ويو. ھيءُ شھر پنھنجي خوبصورت اڏاوت ۽ شاندار عمارتن جي ڪري سڄي دنيا ۾ مشھور آھي. 2018ع ۾ 18 ملين سياح ھي شھر گھمڻ لاءِآيا . ھتان جو اوھاري بين القوامي ھوائي اڏو دنيا جو ڃھون نمبر مصروف ھوائي اڏو شمار ٿئي ٿو. 2021ع ۾ ھن شھر کي دنيا جو ٻيو نبمر سھڻو شھر قرار ڏنو ويو.

اڄ جو ڏينهن

اربع 5 جنوري 2022ع مطابق 1 جمادي الثاني 1443ھ


ذولفقار علي ڀٽو
ذولفقار علي ڀٽو
  • تقريبون ۽ واقعا
    • 1909 - ڪولمبيا پاناما جي آزادي کي تسليم ڪيو
    • 1925 - نيلي ٽيلر راس پهرين آمريڪي عورت گورنر بڻجي ويئي
    • 2002 - جنرل پرويز مشرف کٽمنڊو ۾ 11 هين سارڪ ڪانفرنس دوران واجپائي سان هٿ ملايو.
    • 2004 - ايران مصر سان مڪمل سفارتي لاڳاپا بحال ڪرڻ تي اتفاق ڪري ورتو
  • جنم
    • 1592 - شاه جهان، مغل شهنشاهه
    • 1846 - روڊولف ڪرسٽوف يوڪن، جرمن فلسفي ۽ ليکڪ
    • 1846 - مريم بواردي، شامي رومن ڪيٿولڪ پادري
    • 1874 - جوزف ارلينگر، آمريڪي فزيولوجسٽ
    • 1876 ​​- ڪونارڊ ايڊنائر، جرمن وڪيل ۽ سياستدان
    • 1904 - جين ڊڪسسن، آمريڪي نجومي
    • 1928 - امتياز احمد، پاڪستاني ڪرڪيٽر
    • 1928 - ذوالفقار علي ڀٽو، پاڪستاني وڪيل ۽ سياستدان
    • 1941 - منصور علي خان پٽودي، هندستاني ڪرڪيٽر ۽ ڪوچ
    • 1955 - ممتا بينرجي، هندستاني وڪيل ۽ سياستدان
  • موت
    • 842 - المعتصم باللہ ، عباسي خليفو
    • 1066 - معترف ايڊورڊ، انگلينڊ جو بادشاهه
    • 1933 - ڪِيلون ڪوليج، آمريڪي وڪيل ۽ سياستدان
    • 1970 - ميڪسن بورن، جرمن فزڪس ماهر ۽ رياضي دان
    • 1981 - هارولڊ اري، آمريڪي ڪيمسٽ
    • 2014 - يوسيبييو، موزمبيڪ پرتگالي فٽبالر
وڌيڪ چونڊ ڏينهن:

هاڻوڪا واقعا



قاسم سليماني
قاسم سليماني


يوڪرين انٽرنيشنل ايئر لائنز جو جهاز 752
يوڪرين انٽرنيشنل ايئر لائنز جو جهاز 752



  • يوڪرين انٽرنيشنل ايئر لائنز جو جهاز 752 ايران جي شهر تهران کان اُڏام ڀَرڻ جي تُرت پوءِ ڪِري تباهہ ٿي ويو، جنهن ۾ چڙهي سوار ٿيل 176 ماڻهو مارجي ويا.

وڪيپيڊيا جو حصو ٿيو!

وڪيپيڊيا هڪ کليل ۽ گھڻ لساني ڄاڻ چيڪلو آهي، جنهن تي اسان سڀ گڏجي لکندا ۽ سنواريندا آهيون. وڪيپيڊيا جي شروعات جنوري 2001ع ۾ ٿي، جڏهن ته سنڌي وڪيپيڊيا جو اجراع 2006ع تي عمل ۾ آيو. هن وقت سنڌي وڪيپيڊيا تي ١٤٬٨٦٩ مضمون موجود آهن.

اڄ جو لفظ

اظھاري چُڪَ: غير متوقع < عامل.

{{اڄ جو لفظ/اظھاري چُڪَ: غير متوقع < عامل.}}

اڄ جو قول

  • ” سياست ۽ سچ ٻه متضاد شيون آهن.“[1] _ مهمان ڪوي شيخ اياز

ڇا توھان ڄاڻو ٿا

ڇا توھان کي خبر آهي...

جنوري 2022

  • 00:00,January 2022 (UTC)
Guillaume Brune
Guillaume Brune
LBV 1806–20

 • … تہ ڪائنات ۾ هينئر تائين جيڪي ستارا ڳولهيا (دريافت) ويا آهن، انهن ۾ سڀ کان وڌيڪ روشن ۽ چمڪندڙ ستارو LBV 1806–20 (تصوير ۾)آهي.
 • … تہ انٽارڪٽيڪا دنيا جو پنجون وڏو کنڊ آهي، جنهن جي ڪُلَ پکيڙ 13209000 چورس ڪلوميٽر يا 5100000 چورس ميل آهي.
 • … تہ دنيا جي سڀ کان مختصر ترين (38 منٽ جي) جنگ برطانيا ۽ زنجبار جي وچ۾ وِڙهي وئي.
 • … تہ دنيا جي سڀ کان ڏُکئي (مشڪل) ٻولي چيني آهي.
 • … تہ آڳاٽي رومي تهذيب ۾ مهيني جي پهرئين ڏينهن کي ڪيلينڊس چوندا هيا ۽ انهيءَ تان ڪيلينڊر تي نالو پيو.
 • … تہ ايف سي-20 پاڪ فضائيا جو جنگي جهاز ملٽي رول آهي، جيڪو دنيا جي اعليٰ ترين ملٽي رول جهازن منجهان هِڪُ آهي.
 • … تہ دنيا جو سڀ کان وڏو ايئر ڪنڊيشنڊ نظام ّمسجد نبوي ۾ آهي.
 • … تہ آمريڪا جي بُلند ترين عمارت سيئرز ٽاور جي ڊيزائن هڪ پاڪستاني آرڪيٽيڪچر طرفان ٺاهي وئي هئي.

اڄ جي تصوير

ماڇي ناري

ڇا توهان به لکڻ چاهيو ٿا؟

سنڌي وڪيپيڊيا تي هن وقت ١٤٬٨٦٩ مضمون موجود آهن، جيڪڏهن اوهان ڪنهن به موضوع تي لکڻ چاهيو ٿا ته پهرين هن ڳولا صفحي تي وڃي عنوان لکو، ممڪن آهي جيڪو مضمون اوهان لکڻ چاهيو ٿا اهو اڳ موجود هجي، جيڪڏهن مضمون ڳولا ۾ نه اچي ته پوءِ نئون مضمون تحرير ڪيو.


يا
نئون مضمون لکڻ جي لاءِ آرٽيڪل وزرڊ آزمايو

سانئِيَمِ! سَدائِين ڪَرِين، مَٿي سِنڌُ سُڪارَ،
دوسَت! مِٺا دِلدارَ، عالَمُ سَڀِ آبادِ ڪَرِين.

سنڌي وڪيپيڊيا ۾ ڀلي ڪري آيا!
اسان سان سماجي رابطن واري ويب سائيٽ:
F icon.svg ، Twitter icon.png ، YouTube icon.png ، Tumblr icon.png ۽ Instagram logo 2016.svg ۾ گڏجو.


(ياد رهي تہ هي سنڌي وڪيپيڊيا سٿ جو اَڻ دفتري (اَن اوفيشل) سٿ ۽ واپرائيندڙ جي پنهنجي ڪوشش آهي)

وڪيپيڊيا معلومات جي درستگي ۽ معتبريت بابت ڪا بہ ضمانت نٿي ڏئي.
وڪيميڊيا فائونڊيشن وڪيپيڊيا معلومات جي درستگي ۽ معتبريت بابت ڪا بہ ضمانت نٿي ڏئي ترميم ڪندڙ پنهنجي ترميمن جا ذميوار پاڻ آهن.
اسان سان رابطو ڪريو مدد کپي؟ اسان سان رابطو ڪريو.


  1. "عظيم هستين جا عظيم قول (فقير محمد سنڌي) | سنڌ سلامت ڪتاب گهر". books.sindhsalamat.com. حاصل ڪيل 2020-12-03.